حيدرآباد شهر-ٽالپرن جي دؤر ۾

حيدرآباد شهر-ٽالپرن جي دؤر ۾

حيدرآباد شهر-ٽالپرن جي دؤر ۾

حيدرآباد شهر-ٽالپرن جي دؤر ۾ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، ٽالپرن جي دؤر ۾ حيدرآباد شهر جي حالتن تي لکيل نهايت ئي اهم تاريخي دستاويز آهي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر پروفيسر قمر جهان مرزا جو لکيل آهي. هيءُ ڪتاب ليکڪه جو پي. ايڇ. ڊي تي لکيل تحقيقي مقالو هو. هيءُ ڪتاب هيٺين چئن بابن ۾ ورهايل آهي: (1) حيدرآباد شهر جو تاريخي پسمنظر ۽ جاگرافي، (2) ٽالپرن جي حسب نسب جي مختصر تاريخ، (3) ٽالپر حاڪمن ۽ شهزادن جي مختصر سوانح حيات ۽ (4) ٽالپرن جي دؤر ۾ ملڪي انتظام ۽ حيدرآباد شهر جي اقتصادي حالت. هن ڪتاب ۾ حيدرآباد شهر ۽ ٽالپرن جي دور حڪومت تي ڀرپور علمي معلومات ڏنل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو سال 1987ع ۾ امداد علي مرزا ٽنڊي آغا حيدرآباد مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪچي جلد سان، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب ۾ ڪُل 152 صفحا آهن ۽ ان جي قيمت 25 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو